تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر ۾ پيدا ٿيو

تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر ۾ پيدا ٿيو

تاج محمد شيخ

تاج محمد شيخ: ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ غلام سرور شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان ميٽرڪ تائين جيڪب آباد ۾ پڙهيو ۽ انٽر گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ ڪيائين ۽ ايم. اي به اتان ئي سنڌي ادب ۾ (فرسٽ ڪلاس) 1996ع ۾ ڪيائين ۽ پي. ٽي. سي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن ڪنڌڪوٽ مان 1995ع ۾ ڪئي. بي. ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان 1994ع ۽ ايم. ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2003ع ۾ ڪئي. هي 1989ع کان تعليم کاتي سان وابسته آهي. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ فوٽ بال جو رانديگر هو ۽ پنهنجي اسڪول جي ٽيم جو ڪپتان پڻ رهي چڪو آهي. هن جو ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو، غزل، نظم ۽ هائيڪي تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ تحقيقي مضمون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. هي شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو 1991ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ٻاراڻي ادب تي لکيل سندس ٻن ڪهاڻين ’اميد‘ ۽ ’سرويچ سپاهي‘ کي دعوه اڪيڊمي، بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان بهترين ڪهاڻين جو انعام مليو. ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي پاران کيس 2000ع ۾ بهترين استاد جو سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل مليو. ان کان سواءِ 1994ع ۾ کيس نوجوان شاگرد تحريڪ جيڪب آباد پاران سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ (تحقيقي مقالا:2007ع)، ”قرآني معلومات“ (2008ع) شامل آهن، جڏهن ته ”حويليءَ جو در“ ڪهاڻين جو مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.4.01  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ غلام سرور شيخ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

افلاطون
خان خانان مرزا عبدالرحيم
ساهو مل موتي رام نگاڻي
تارا ميرچنداڻي
بقادار شاهه
تانسو چلر
خليفو خدابخش سولنگي
شيرين عظيم
پنهور مولوي محمد علي
جهان آرا بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون